بِسۡمِ اللهِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِيۡم
السلام عليڪم
سنڌي ڪمپيوٽنگ جي آرگنائيزيشن ڪمپيوٽر جي دنيا ۾سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ گهڻو ۽ ڪافي عرصي کان ڪم ڪري رهي آهي. ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ٻوليءَ کي آڻڻ لاءِ گڻن ئي ماڻهن ڪوشش ڪيون، جيڪي ڪجهه حد تڪ ته ڪامياب وييو، اهڙيءَ طرح محترم جناب عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جيڪو 1984ع کان وٺي سنڌي ٻوليءَ کي ڪمپيوٽر ۾ آڻڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. جنهن جي بدولت ٻين آپريٽنگ سسٽمن سان گڏ ”ونڊوز آپريٽنگ سسٽم “ لاءِ ”ايم بي سنڌي “ نالي ڪيبورڊ بنايو، جيڪو سنڌي اخبارون ، رسالا ، ڪتاب ، ويب سائيٽون ۽ ٽي ويءَ جي ڪمن لاءِ ڪافي مدد ڏئي ٿو. وري اهڙيءَ طرح ان ڪيبورڊ جي سپورٽ تي خوبصورت ۽ پيارن فونٽ جي شروعات ٿي ، جنهن ۾ ڪافي دوستن پنهنجا پنهنجا فونٽ تيار ڪيا. جنهن جي فهرست به هتي ڏجي ٿي. پر سڀ کان وڌيڪ ثناءَ الله منڱڻيجي دهــــــــــــــــــــــــــــــــوم مچائي ڇڏي. ان سان گڏوگڏ سنڌ يونيورسٽيءَ جو ليڪچرار محترم جناب ڪرشن ڪمار لوهاڻي هڪ سنڌي ٽو انگلش ۽ انگلش ٽو سنڌي ڊڪشنري بنائي. جيڪا به سنڌين لاءِ باعث مسرت آهي
اهڙيءَ طرح سنڌي ڪمپيوٽنگ جا نمائنده بکريل ته هئا پر پنهنجي سنڌي ٻولي کي ڪمپيوٽر تي معيار ڏيڻ لاءِ جاکوڙي رهيا هئا.
انهن سڀني دوستن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري هڪ مڪمل طور آرگنائيزيشن بنائڻ جي لاءِ محترم جناب عبدالعزيز منڱريو سوچيو، پوءِ محترم ان تي ڪم ڪرڻ لاءِ هڪ www.sindhicomputing.org ويب سائٽ بنائِ رهيو آهي. جنهن جو مقصد اهو آهي ته سنڌي ڪمپيوٽنگ جا نمائنده ڀلي دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ ڪڙڇ تي هجن، پر اهو سڀ انٽرنيٽ تي پنهنجي سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ويب سائٽ لاگن ٿي ، پنهنجا ڪارناما ۽ پنهنجي سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دوستن سان رابطي ۾ رهن. ۽ جيڪو به ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ٿئي يا وري اهو سر انجام ڏيئي ته ان جي خوشخبري اسان کي ڏيئي
توهان هن سنڌي ڪمپيوٽنگ آرگنائيزيشن جي باري ۾ ڪچهه چوڻ چاهيو ٿا ته پنهنجي قيمتي رائي اسان کي ڏيڻ فرمائيندا ، اسان توهان جي راءِ جي منتظر رهنداسين
Copyright © 2010 Sindhpk.com. All Rights Reserved.