شهيد بينظير ڀٽوصاحبه

اڳوڻي وزيراعظم ۽ قائد عوام جي پنڪي بينظيرڀٽو 21 جون 1953ع تي ڪراچي جي پنٽو اسپتال ۾ جنم ورتو، انهيءَ عرصي دوران هن پنهنجي اڪثر زندگي جدوجهد ۾ گذاري ڇڏي، هن جي اصل جدوجهد واري زندگي ان وقت شروع ٿي، جڏهن ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر سندس والد کي شهيد ڪري ڇڏيو، هوءَ پنهنجي بابا جي شهادت بعد 1988ع ۾ 34 سالن جي عمر ۾ ملڪ جي وزيراعظم ٿي، پر سندس حڪومت کي 20 مهينا مس هلڻ ڏنو ويو، صدر اسحاق خان سندس حڪومت کي برطرف ڪري ڇڏيو ۽ اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون،  ٻيو ڀيرو هو 1993ع ۾ وزيراعظم چونڊي وئي پر پوءِ به کيس مدو پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو، 1996ع ۾ سندس پارٽي جي صدر فاروق لغاري سندس حڪومت برطرف ڪري ڇڏي، ان کانپوءِ هو دل ۾ ٽيون ڀيروعوام جي سرواڻي ڪرڻ جي آس کڻي ڏيهه پهتي هئي ته انهن کي برداشت نه ٿيو ۽ انهن دنيا جي هن عظيم اڳواڻ کي به بيدردي سان شهيد ڪري ڇڏيو،  پاڻ هتي شهيد بينظير ڀٽو جي سڄي زندگي جو مختصر تفصيل پيش ڪريون ٿا، بينظير ڀٽو شروعاتي تعليم ڪراچي مان حاصل ڪئي،ٻن سالن جي اسڪولنگ بعد هوءَ مري پڙهڻ وئي، هن 15 سالن جي عمر ۾ اي ليول جو امتحان پاس ڪيو، ابتدائي تعليم مڪمل ڪرڻ بعد هوءَ اعليٰ تعليم لاءِ آمريڪا وئي، 1969ع کان 1973ع تائين هن هارورڊ يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪئي، هن 1973ع کان 1977ع تائين آڪسفورڊ ۾فلاسافي، سياست ۽ معاشيات جي تعليم به پرائي، هن کي سياست ۾ اچڻ جو تمام گهڻو شوق هو، ڇوته هن عوامي سياست پنهنجي بابا کان سکي هئي،  هن عالمي قانون ۽ جمهوريت تي به ڪيترائي مضمون پڙهيا، 1976ع ۾ هن کي آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ آڪسفورڊ يونين جو صدر به چونڊيو ويو، تعليم مڪمل ڪرڻ بعد 18 ڊسمبر 1987ع تي هن آصف علي زرداري سان ڪراچي ۾ شادي ڪئي، کيس ٽي ٻار بلاول، بختاور ۽ آصفه آهن،  بينظير ڀٽو جي بابا ذوالفقار علي ڀٽو کي جڏهن 4 اپريل 1979ع تي  شهيد ڪيو ويو ته ان بعد بينظير ڀٽو ۽ سندس امڙ نصرت ڀٽو کي آمر ضياءَ نظربند ڪري ڇڏيو، نظربندي بعد انهن کي جيل به موڪليو ويو، آمر ضياءُ الحق خلاف ايم آر ڊي جهڙي تحريڪ هلي جنهن ان جي حڪومت کي ئي لوڏي ڇڏيو،  ضياءَ ڪيترن ئي ماڻهن کي مارائي ڇڏيو ۽ هزارين سياسي ڪارڪنن ۽ عام ماڻهن کي جيلن ۾ بند ڪيو ويو، 1984ع ۾ ڇهن سالن جي نظربندي بعد عالمي دٻاءُ پوڻ تي جنرل ضياءَ الحق بينظيرڀٽو جي نظربندي ختم ڪئي ۽ کيس ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني، بعد ۾ ضياءَ الحق هڪ حادثي ۾ مارجي ويو ۽ پوءِ جڏهن بينظير ڏيهه وري ته بينظيرڀٽو جو لاهور ۾ هن ملڪ جي عوام اهڙو ته تاريخي استقبال ڪيو جو بينظيرڀٽو جي دل ۾ ڪيتريون ئي اميدون پيدا ٿي ويون، هن 1988ع ۾ ٿيل اليڪشن ۾ لاڙڪاڻي مان اين اي 207 واري سيٽ تان اليڪشن وڙهي ۽ پ پ کي وڏي ڪاميابي ملڻ بعد هن کي ملڪ جو وزيراعظم چونڊيو ويو، پر سندس حڪومت کي ڪرپشن جا الزام هڻي ختم ڪيو ويو مطلب ته ان کي پنهنجو مدو ئي پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو،  ٻيو ڀيرو آڪٽوبر 1993ع ۾ بينظير ڀٽو وري وزيراعظم ٿي، ڇوته ملڪ جي عوام هڪ ڀيرو ٻيهر پيپلز پارٽي کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪيو، پر اها حڪومت به پنهنجو مدو پورو ڪري نه سگهي ۽ 1996ع ۾ بينظيرڀٽو جي موڀي ڀاءُ ميرمرتضيٰ ڀٽو کي ڪراچي ۾ ساٿين سميت قتل ڪرڻ بعد بينظير ڀٽو جي حڪومت به ختم ڪئي وئي، اها حڪومت پ پ سان واسطو رکندڙ صدر فاروق لغاري ختم ڪئي، بينظير ڀٽو پنهنجي ٻنهي حڪومتي دورن ۾ عورتن جي ڀلائي جون ڪيتريون ئي اسڪيمون ڏنيون ۽ عورتن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ قدم کنيا،  مطلب ته عورتن جي ترقي جا وڏا ڪم ڪيا ويا، نواز شريف جي دور ۾ بينظير ڀٽو ۽ سندس مڙس آصف زرداري خلاف ڪيترائي ڪيس ٺاهيا ويا جن مان ڪجهه ڪيس اڄ به هلي رهيا آهن،  بينظيرڀٽو 2000ع جي شروعات ۾ پنهنجو پاڻ پرڏيهه هلي وئي،  هوءَ پوءِ مسلسل 6، 7 سال ملڪ کان ٻاهر رهي ۽ آمريت خلاف جدوجهد هلائيندي رهي، 18 آڪٽوبر 2007ع تي هوءَ جڏهن وڏي عرصي بعد ڏيهه پهتي ته ڪراچي ۾ مٿس خودڪش حملو ڪيو ويو جنهن ۾ هو معجزاڻي نموني بچي وئي ۽ زندگي کي خطرو هجڻ باوجود هوءَ چونڊ مهم هلائيندي رهي، پر ظالمن کي اهو برداشت نه ٿي رهيو هو ته بينظير ڀٽو ٽيون ڀيرو به وزيراعظم ٿئي، جنهن ڪري کيس چونڊون ٿيڻ کان اڳ ئي راولپنڊي ۾ 27 ڊسمبر 2007ع تي شهيد ڪيو ويو،  انهيءَ چونڊ مهم دوران بينظير ڀٽو کي پرويز مشرف جي حڪومت لاهور ۾ نظربند به ڪرايو ۽ هر طرح جون رڪاوٽون پيدا ڪيون پر بينظير ڀٽو انهن سڀني رڪاوٽن کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ هڪ ڊڪٽيٽر کي جڏهن شڪست ويجهو نظر اچي رهي هئي ته هو سندس جان جو دشمن بڻجي ويو

Domain        |       Hosting        |        Reseller Hosting

Copyright © 2010 Sindhpk.com. All Rights Reserved.
Home   |   Organization   CD's   |   Softwares   |   Audio's    Videos   |   Sindhi Books   |   Wallpapers   |   Your Creation